وڏي وزير مراد علي شاهه سان اينگرو ڪارپوريشن جي چيئرمين ملاقات ڪري مختلف توانائي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي

cm angro meet

وڏي وزير مراد علي شاهه سان اينگرو ڪارپوريشن جي چيئرمين ملاقات ڪري مختلف توانائي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، وڏي وزير چيو آهي ته ٿر ڪول مان بجلي پيدا ڪئي ويندي ۽ هِي منصوبو ملڪ جي توانائي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ پهريون انقلاب ثابت ٿيندو.

اينگرو ڪارپوريشن جي چيئرمين حسين دائود جي اڳواڻيءَ ۾ چار رڪني وفد ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس پهچي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٿر ڪول مائننگ ۽ ٿر ڪول پاور منصوبن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اينگرو جو پهريون منصوبو آهي، جيڪو ٿر ڪول تي بجلي پيدا ڪندو ۽ هي منصوبو توانائي بحران جي حل لاءِ انقلاب ثابت ٿيندو.

ان موقعي تي اينگرو چيئرمين چيو ته ٿرپارڪر جي عوام جي هر شعبي ۾ خدمت ڪئي ويندي، اسپتالون، اسڪول ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*