صوبي ۾ سمورا اسڪول 12 جنوري تي کلندا تعليم وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو

سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو چيو آهي ته صوبي ۾ سمورا اسڪول 12 جنوري تي کلندا، سڪيورٽي لاءِ آرمي، رينجرس ۽ پوليس کي آن بورڊ رکيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فضل الله پيچوهو اسڪولن جي سڪيورٽي پلان جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سرڪاري توڙي نجي اسڪولن جون ڀتيون 8 فٽ اوچيون ڪيون وينديون.

هن چيو ته سنڌ ۾ ڇهه تعليمي ادارن کي خطرا آهن، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول به آهن، جن کي ديوارون ته ڇا پر در به نه آهن.

فضل الله پيچوهو چيو ته اسڪولن جي سڪيورٽي لاءِ ڊگهي مدي وارا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون ۽ هاڻي اسڪولن ۾ تدريسي عمل کانسواءِ ٻي ڪا به سرگرمي نه ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*