هنگري ۾ پناهگيرن کي لتون هڻندڙ ڪيمراوومين تي فرد جرم لاڳو

HUNGARY-CAMERAWOMAN-CHARGED-9916

هنگري جي عدالت سربيا جي سرحد وٽ ڀڄندڙ پناهگيرن کي لتون هڻي ڪيرائيندڙ ڪيمراوومين تي امن ۾ خلل وجهڻ جي الزام هيٺ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪيمراوومين پيٽرا ليزلو جي هنگري – سربيا سرحد تي ڀڄندڙ پناهگيرن جي ڪوريج ڪندي پناهگيرن کي لتون هڻي ڪيرائيندي رهي، جنهن جي ويڊيو وري ٻين ڪيمرائن ۾ محفوظ ٿي وئي هئي.

اهڙي ويڊيو منظر تي اچڻ بعد ٽي وي چينل پيٽرا کي نوڪري مان به ڪڍي ڇڏيو هو. پيٽرا ليزلو پنهنجي حرڪت تي معافي گهرندي چيو ته پناهگيرن کي سرحد پار ڪندي ڏسي هوءَ گهٻرائجي وئي هئي ۽ پنهنجي ان حرڪت جي ڪري سندس زندگي تباهه ٿي وئي آهي. هنگري جي استغاثه جو چوڻ هو ته پيٽرا جي اهڙي حرڪت سان ڪنهن کي زخم رسڻ کي ثابت ڪرڻ ڏکيو هو ان ڪري مٿس امن ۾ خلل وجهڻ جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.

اهو به واضح نه ٿي سگهيو آهي ته پيٽرا ليزلو جي اهڙي حرڪت لساني بنيادن تي هئي يا ان جو سبب متاثرن جو پناهگير هجڻ هو. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پيٽرا هڪ ڇوڪري کي لت هڻي ٿي، وري ٻئي پناهگير کي به لت هڻڻ بعد ٻار کڻي ڀڄندڙ شامي پناهگير کي لت هڻي ڪيرائي ٿي. اهو شخص امسا عبدالمحسن هو، جيڪو شام ۾ فٽبال ڪوچ هو، بعد ۾ اسامه عبدالمحسن ۽ سندس ڪٽنب اسپين هليو ويو، اساما هاڻي اسپين جي هڪ فٽبال ڪلب ۾ ڪوچ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*