يورپي جابلو سلسلي ايلپس تي ڪيبل ڪار خراب 110 ڄڻا ڦاسي پيا

FRANCE-CABLECAR-9916

يورپ جي جابلو سلسلي ايلپس جي فرانس واري علائقي ۾ ڪيبل ڪار خراب ٿيڻ سبب ساڍا 12 هزار فوٽن جي اوچائي تي ڦاٿل وڌيڪ 45 ڄڻن کي به ريسيڪو آپريشن بعد بچايو ويو آهي.

ڪيبل ڪار خراب ٿيڻ سبب 110 ڄڻا هزارين فوٽن جي اوچائي تي هوا ۾ ڦاسي پيا، جن مان 65 ڄڻن کي هنگامي ريسڪيو آپريشن ڪندي هيليڪاپٽرن ذريعي هيٺ لاٿو ويو. رات جي اونداهي وڌي وڃڻ سبب انتظاميه کي ريسڪيو آپريشن معطل ڪرڻو پيو، جنهن ڪري 45 ڄڻن کي سخت سيءَ ۾ گليشيئر مٿان لڙڪندي رات گذارڻي پئي.

ڏينهن جي روشني ٿيندي ئي ريسيڪيو آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ويو ۽ سڀني کي محفوظ نموني زمين تي آندو ويو. امدادي آپريشن ۾ فرانس، اٽلي ۽ سئٽزرلينڊ جي ٽيمن شرڪت ڪئي. ڪيلب ڪار فرانس ۾ ايگوئيل ڊي ميڊي جبل کي اٽلي جي هيلبر ونر سان ڳنڍي ٿي، جنهن ۾ سفر سان سياحن کي مائونٽ بلانڪ جا اکيون کيريون ڪندڙ نظارا ڏسڻ لاءِ ملندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*