اتر ڪوريا پاران 10 ٽن ايٽمي تجربو، 5.3 جي شدت جو زلزلو

North-Korea-successful-nuclear-test-9916

اترڪوريا وڌيڪ هڪ ايٽمي تجربو ڪيو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ 5 ڏهائي 3 جي شدت جو زلزلو اچي ويو، ڏکڻ ڪوريا، جاپان ۽ امريڪا ايٽمي تجربي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اتر ڪوريا قومي ڏهاڙي جي موقعي تي طاقتور ايٽمي تجربو ڪيو آهي، پيانگ يانگ موجب ڪامياب ايٽمي تجربو هڪ جديد ۽ تازو تيار ڪيل ايٽمي وار هيڊ جو هو ۽ هاڻي پيانگ يانگ بيلسٽڪ راڪيٽن تي ايٽمي هٿيار لڳائڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي.

اتر ڪوريا موجب هاڻي وٽن طاقتور ننڍا، هلڪا ۽ تبديل ٿيندڙ ايٽمي وارهيڊ ٺاهڻ جي صلاحيت اچي وئي آهي.

ڏکڻ ڪوريا موجب اتر ڪوريا جو هي تجربو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڏو تجربو هو، جنهن جي شدت به اڳ کان ٻيڻي هئي. 10 ٽن ايٽمي تجربي سبب علائقي ۾ 5 ڏهائي 3 جي شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو.

ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ گيون پيانگ يانگ جي ايٽمي تجربي کي پاڻ کي تباهه ڪرڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪــِم جونگ خبطي ۽ ناتجربيڪار آهي..

امريڪا به اتر ڪوريا کي خبردار ڪيو آهي ته ايٽمي تجربي جا سخت نتيجا نڪرندا. جاپاني وزيراعظم شينزو ابي چيو آهي ته اتر ڪوريا کي ايٽمي تجربي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. چين به ايٽمي تجربي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اتر ڪوريا تي زور ڀريو آهي ته ڇڪتاڻ وڌائڻ واري عمل کان پاسو ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي پابندي باوجود اتر ڪوريا هن وقت تائين 5 ايٽمي تجربا ڪري چڪو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*