قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي فوري طور تي ڪپتاني ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Azhar-Ali-9916

قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي فوري طور تي ڪپتاني ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽هن اهڙي فيصلي کان پي سي بي چيئرمين شهريارخان کي آگاهه ڪيو آهي.

انگلينڊ خلاف کيڏي ويل ون ڊي سيريز ۾ قومي ٽيم کي هڪ جي ڀيٽ ۾ چئن ميچز تان شڪست نصيب ٿي،جنهن بعد اظهر علي جي قيادت تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ ماهرن چيو ته اظهر علي کي ڪپتاني جي ڄاڻ نه آهي،جنهن کي هٽايو وڃي.

ذريعن مطابق ون ڊي ٽيم جي ڪپتان جو موقف آهي ته ڪهڙو ٽيم پهريون ڀيرو شڪست کاڌي آهي جو ڪپتاني کان الڳ ٿي وڃا؟

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ مهيني ويسٽ انڊيز خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾سرفراز احمد کي ڪپتان مقرره ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سبب اظهر علي کي پاڻ قيادت کان ڌارٿيڻ جو چيو ويو هو، پر اظهر علي صاف جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هو قيادت کان پاڻ ڌار نه ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف رٿيل ون ڊي سيريز ۾ اظهر علي جي خراب پرفارمنس سبب ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جنهن سبب هن قيادت ڇڏڻ کان انڪار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*