پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر وسيم اڪرم انگلينڊ جي دوري کي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان دوري مان سڀني کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو

Wasim-Akram-9916

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آلرائونڊر وسيم اڪرم انگلينڊ جي دوري کي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان دوري مان سڀني کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انگلش دوري ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

وسيم اڪرم چيو ته دوري جي شروعات ۽پڄاڻي ڪاميابي تي ٿي آهي،جنهن سان ٽيم کي مستقبل ۾ فائدو ٿيندو.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته آخري ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم سٺو کيڏي، بالرز ۽بيٽسمينن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو،جنهن سبب ٽيم کي فتح ملي.

وسيم اڪرم چيو ته سرفراز احمد جهڙي طرح ٽيم کي  بيڪ ڪيو، ميڊيا کي منهن ڏنو ان کي ڏسي خوشي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته ويسٽ انڊيز دوري ۾ تبديلي سوچي سمجهي آڻڻ جي ضرورت آهي، سرفراز احمد تي جلدي ڪابه زميواري نه وجهي وڃي ته بهتر ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*