انگلينڊ خلاف سيريز مڪمل ڪرڻ بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر وطن واپس پهچي ويا

Srfraz-9916

انگلينڊ خلاف سيريز مڪمل ڪرڻ بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر وطن واپس پهچي ويا،هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر انگلينڊ کان آسٽريليا پنهنجي گهر ويو ۽ويسٽ انڊيز خلاف رٿيل سيريز کان پهرين دبئي ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر مختلف فلائيٽس ذريعي لاهور، ڪراچي ۽اسلام آباد پهچي ويو.

ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد، خالد لطيف ۽ شرجيل خان ڪراچي ايئرپورٽ پهتا.

ون ڊي ٽيم جو ڪپتان اظهر علي، وهاب رياض،شعيب ملڪ،محمد عامر،بابر اعظم،حسن علي ۽عماد بٽ لاهور ايئر پورٽ پهتا،جڏهن ته محم نواز، سهيل تنوير،عماد وسيم ۽ محمد رضوان اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتا.

هيِڊ ڪوچ مڪي آرٿر پنهجي گهر آسٽريليا روانو ٿي ويو،جڏهن ته بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور انگلينڊ ۾ ترسيل آهي،جيڪي گڏيل عرب امارات ۾ ويسٽ انڊيز خلاف رٿيل سيريز لاءِ ٽيم کي دبئي ۾ جوائن ڪندا.

ڪراچي ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد لطيف چيو ته ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف رٿيل سيريز ۾ به فتح حاصل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*