سنڌ سرڪار تعليمي سڌارن لاءِ تعليم کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو

khi cm education

سنڌ سرڪار تعليمي سڌارن لاءِ تعليم کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس دوران هڪ حصي ۾ اسڪولز توڙي ڪاليجز ۽ ٻئي حصي ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي رکيو ويو،  تعليمي ادارن جي مانيٽرنگ لاءِ هر ضلعي اندر ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ چيئرمينز تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون ويون، لاڳاپيل ڊي سيز ڪاليجز ۽ مختيارڪار اسڪولن جا دورا ڪري ماهوار رپورٽ ڏيندا.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر ۽ تعليم کاتي جي مختلف يونٽس جي هيڊس شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ تعليم کاتي جي عملدارن پاران تعليمي معياري بابت وڏي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ايمرجنسي لڳائڻ سميت مختلف تجويزن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دوران تعليمي سڌارن لاءِ اسڪولز توڙي ڪاليجز کي هڪ حصي ۾ رکڻ ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي ٻئي حصي ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ هر ضلعي اندر لاڳاپيل ايم اين اي، ايم پي ايز ۽ چيئرمينز تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون ويون، جيڪي اسڪولن جا دورا ڪري تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪندي ۽ اسڪولز جي ضرورتن کي پورو ڪندي.

اجلاس دوران اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڊپٽي ڪمشنرز ڪاليجز ۽ مختيارڪارز اسڪولن جا دورا ڪندا ۽ ماهوار پنهنجون رپورٽس پيش ڪندا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر يونين ڪائونسل سطح تي اسڪولز جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي ته ڪيترا شاگرد آهن ۽ ڪيترا استاد پڙهائي رهيا آهن، جڏهن ته غير فعال اسڪولز جي پڻ نشاندهي ڪئي ويندي.

اجلاس دوران يونين ڪائونسلز جي بنياد تي ڀرتي ڪيل استادن کي لاڳاپيل علائقن ۾ مقرر ڪرڻ ۽ نجي اداري پاران چونڊيل 180 ماسترياڻين کي فوري طور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه سڀني اسڪولن جي فوري طور ايس اين اِي منظور ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پرائمري اسڪولز جي مرمت لاءِ 300 ملين، سيڪنڊري اسڪولز لاءِ ساڍا 5 هزار ملين ۽ ڪاليجز جي مرمت لاءِ 300 ملين رپيا رکيا ويا آهن، جيڪي درست طريقي سان استعمال ٿيڻ گهرجن.

وڏي وزير تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جي ٽريننگ تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ ٻارڙن کي وقت سر مفت ڪتاب فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته هــُو سڄي سنڌ ۾ اسڪولن جا پاڻ دورا ڪري تعليمي سرگرمين جو جائزو وٺندو ۽ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

Comments

  1. M Ishaq
    M Ishaq 9 September, 2016, 18:19

    Its not fair practice that other departments officers will visit of colleges and schools for betterment of Education. Hence the officers of education as Director. Deputy Directors. Assistant Directors. Distt education officers & TEOs will be bound that they will visit and the report to Minister for Education. Also suspended to Head of schools or college due to bed performance.

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*