سکر بئراج ويجهو رائيس ڪئنال ۾ اڻڄاتل جوابدارن زهريلي دوا هاري ڇڏي نتيجي ۾ هزارين مڇيون مري ويون

سکر بئراج ويجهو رائيس ڪئنال جي بيٺل پاڻي ۾ مبينا طور زهريلي دوا هارڻ جي نتيجي ۾ هزارن جي انگ ۾ مَڇــِــين جو ٻيجارو مري ويو آهي.

سکر بئراج وٽان سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي رائيس ڪئنال جي بيٺل پاڻي ۾ اڻڄاتل جوابدارن زهريلي دوا هاري ڇڏي، جنهنڪري ڪري هزارين مڇيون مري ويون.

مئل مڇيون بيٺل پاڻي تي تري رهيون آهن، خبر نه پئجي سگهي آهي ته واقعي ۾ ڪير ملوث آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*