هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زهر پياري قتل ڪيل ڪامران لاڙڪ جي گهرواري سباس طاهره جو چوڻ آهي

sabas tahira

هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زهر پياري قتل ڪيل ڪامران لاڙڪ جي گهرواري سباس طاهره جو چوڻ آهي ته سندس حياتي کي خطرو آهي، پر عدالتي حڪم باوجود کيس سڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي، ڪامران لاڙڪ امڙ جو چوڻ آهي جوابدار ڌر پاران کين موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، پٽ جي قاتلن سان ڪابه راڄوڻي نه ڪنداسين.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائندي طاهره شاهه جو  چوڻ هو ته هن بنا ڪنهن دٻاءُ جي گهران نڪري  ڪامران لاڙڪ سان پسند جي شادي ڪئي هئي.

هن چيو ته وارثن رخستي ڏيڻ بهاني مونکي ۽ ڪامران لاڙڪ کي گهران ڌوڪي سان زهر پياريو ويو، جيڪو منصوبو سندس چاچي شمشاد شاهه پاران جوڙيو ويو.

طاهره شاهه جو چوڻ آهي ته هوءَ مڙس جي قاتلن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪندي، وارثن پاران ڪنهن به وقت مٿس حملو ٿي سگهي ٿو، پر  پوليس پاران ڪابه سڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي.

 طاهره شاهه جو چوڻ آهي ته ڪامران لاڙڪ جي نالي هوءَ ٽرسٽ کولي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي حقن لاءِ جدو جهد ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ حڪومت ساڻس سهڪار ڪري.

طاهره شاهه جو چوڻ هو ته منهنجي امڙ يا ڀائرن کي منهنجن چاچن پاران ڪابه تڪليف پچائي وئي ته هوءَ  کيس سخت سزا ڏياريندي.

ڪامران لاڙ جي امڙ جو چوڻ  هو ته سندس اکين آڏو پٽ کي زهر پياريندڙ جوابدارن کي هوءُ ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ نه ئي وري ڪابه راڄوڻي ڪئي ويندي.

ڪامران لاڙڪ جي ڀاءُ عمران لاڙڪ جوچوڻ هو ته چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرز پاران اڃان تائين ڪامران لاڙ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري نه ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته جوابدار ڌر کان کين خطرو آهي، پر پوليس پاران ڪنهن به قسم جي سڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي ۽ جوابدار  راڄوڻي لاءِ چئي رهيا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*