ڀارتي نيوي ۾ ڀرتي لاءِ هزارين اميدوار پهچي ويا، اهلڪارن جي لٺبازي

Indian-Vevy-9916

ڀارت ۾ نيوي ۾ ڀرتين هزارين اميدوار پهچڻ کانپوءِ بدنظمي دوران اميدوارن تي لٺبازي سبب ڀاڄ پئجي وئي، جنهنڪري ڪيترائي اميدوار زخمي ٿي پيا.

ممبئي جي علائقي ملاد ۾ آءِ اين ايس حملا ٻاهران 6 هزار اميدوار ٽيسٽ ڏيڻ پهچي ويا، جنهنڪري بدنظمي پيدا ٿي وئي. ان دوران نيوي اهلڪارن اميدوارن تي لٺبازي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي اميدوار زخمي پڻ ٿي پيا.

نيوي پاران لٺبازي ڪرڻ جي ترديدڪئي وئي آهي. اميدوارن جو چوڻ هو اخبار  ۾ ڇپيل اشتهار ۾ ڀرتي لاءِ 50 سيڪڙو مارڪون ڄاڻايون ويون هيون، رش وڌڻ سبب هاڻي 60 سيڪڙو مارڪن جو شرط رکيو ويو آهي، هو ڪيترائي ڪلوميٽر سفر ڪري ٽن چئن ڏينهن کان هتي ترسيل آهن پر کانئن ٽيسٽ نه ٿي ورتي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*