ناسا بينو سيارچي جا نمونا حاصل ڪرڻ لاءِ مشن خلا ۾ اماڻي ڇڏي

Nasa-9916

امريڪي خلائي اداري ناسا پاران زندگي جي شروعات جا وڌيڪ راز ڄاڻن لاءِ سيارچي جا نمونا حاصل ڪرڻ لاءُ مشن سيارچي ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

اٽلس فائيو راڪيٽ ذريعي اماڻيل روبوٽ اوسيريس ريڪس 7 سالن جي مشن تي زمين جي ويجهي سيارچي بينو تي لينڊ ڪندو. شمسي توانائي تي هلندڙ مشن هڪ ڪلاڪ سفر کانپوءِ  19 ماڙ راڪيٽ کان ڌار ٿي ويو، جيڪو 35 هزار 4 سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ  رفتار  سان سيارچي بينو ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي.

اوسيريس ريڪس روبوٽ 2018ع ۾ بينو سيارچي تي لينڊ ڪندو، جيڪو اتان نمونا گڏ ڪرڻ بعد 2021 ۾ واپس روانو ٿيندو ۽ 2023ع ۾ زمين تي پهچندو.

سائنسدانن موجب بينو سيارچو اٽڪل زمين جيتري ئي مفاصلي تي سج جي مدار ۾ گردش ڪري رهيو آهي. 1999ع ۾ دريافت ٿيل بينو سيارچي جو قطر 5 سئو ميٽر آهي، جنهن بابت سائسندانن خدشو ڏيکاريو آهي ته اهو 2200ع ۾ زمين سان ٽڪرائجي سگهي ٿو. سائنسدانن موجب اورسيريس ريڪس مشن ذريعي سيارچي جا نمونا ملڻ سان زندگي جي شروعات بابت وڌيڪ راز معلوم ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*