اقتصادي رابطه ڪميٽي بجلي بلن تي 3 مختلف سرچارج جي منظوري ڏئي ڇڏي

حڪومت، 20 کان 22 ارب رپين جي بجلي جي لائين لاسز جو بار عوام تي وجهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اقتصادي رابطه ڪميٽي بجلي بلز تي 3 مختلف سرچارج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ بجلي بلز جي وصولي تي 3 مختلف سرچارج لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن مان في سرچارج تي اڍائي کان 3 رپيا في يونٽ اوڳاڙيا ويندا.

ذريعن موجب، 3 مختلف سرچارج لڳائڻ سان 20 کان 22 ارب رپين جي لائين لاسز جو بار عوام تي پوندو.

اقصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيپرا لاءِ گائيڊلائين پاليسي جي به منظوري ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*