ميان صاحب جي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، رائيونڊ مارچ کانپوءِ پتو پئجي ويندو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي

Mula-Bux-Chandio-10916

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته ميان صاحب جي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، رائيونڊ مارچ کانپوءِ پتو پئجي ويندو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، ميان صاحب وٽ اڪثريت مهمان وزيرن جي آهي، اهڙا به وفاقي وزير آهن، جيڪي وزيراعظم کان حال به نه پڇندا آهن.

ڪراچي ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ ملير ضلعي جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئَي چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر متحده کي جيتري سڪيورٽي گهربل هئي اوتري فراهم ڪئي وئي.

هن چيو ته ميان صاحب جي حڪومت جا هاڻي ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، رائيونڊ مارچ کانپوءِ پتو پئجي ويندو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي.

مولابخش چانڊئي چيو ته ميان صاحب وٽ اڪثريت مهمان وزيرن جي آهي، اهڙا به وفاقي وزير آهن، جيڪي وزيراعظم کان حال به نه پڇندا آهن.

صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو ته عمران خان کي ڪراچي اچڻ تي ڀليڪار ڪئي ويندي، جلسا ڪرڻ ۽ ڌرڻا هڻڻ سندس حق آهي، باقي طاهرالقادري جي رخ جو تعين تمام جلد ٿي ويندو.

ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙَي ايم ڪيو ايم پاران سڪيورٽي واري مطالبي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته خبر ناهي ته متحده ڪهڙي قسم جي سڪيورٽي گهري آهي پر سڪيورٽي ته کيس به نه پئي ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*