ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف جَي جَي وِي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

Dr-Asim-10916

ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف جَي جَي وِي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ڪراچي جي احتساب عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جي جي وي ايل ۾ 17 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته نيب طرفان کين مڪمل دستاويز فراهم نه ڪيا ويا آهن، رڳو انهن گواهن جي بيانن جا نقل فراهم ڪيا ويا، جيڪي نيب جي فائدي ۾ آهن.

وڪيلن موجب نيب هڪ ڏينهن ۾ ٽن گواهن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گهرايو، جن مان رڳو ٻن جي بيانن جا نقل فراهم ڪيا ويا.

نيب جي وڪيل چيو ته جن گواهن جي بيانن جا نقل فراهم  نه ڪيا ويا آهن، انهن کي عدالت ۾ گهرائي بيان ورتا وڃن.

عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي شاهدن جي بيانن جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٻڌڻيءَ دوران ڊاڪٽر عاصم حسين پي ايس 127 تي پ پ اميدوار مرتضيٰ بلوچ جي ڪاميابيءَ کان بي خبر بڻيل هو.

ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران هڪ صحافيءَ ڊاڪٽر عاصم کان سوال ڪيو ته پي ايس 127 تي پ پ جي ڪاميابيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي ڊاڪٽر عاصم چيو ته ڪهڙي چونڊ، ڪڏهن ٿي چونڊ ۽ ڪير ڪامياب ٿيو آهي، مونکي ڪابه ڄاڻ نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*