پشاور ۾ پوليس ڪارروائي ڪري هڪ گاڏي مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Peshawar-Police-10916

پشاور ۾ پوليس ڪارروائي ڪري هڪ گاڏي مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پشاور جي علائقي ڀانا ماڙي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ گاڏي جي ڳجهي خانن مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا.

پوليس موجب ناڪي تي مقرر اهلڪارن گاڏي کي چيڪنگ لاءِ روڪيو ۽ جهڙتي ورتي ته گاڏي جي ڳجهي خانن مان 25 پسٽل، 8 رائيفلز ۽ 2 سئو کان وڌيڪ ڪارتوس هٿ آيا.

پوليس گاڏي ۾ موجود ڊرائيور سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار هٿيار اسمگلنگ ڪري رهيا هئا، کين وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدارن کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*