ٺل ويجهو ڪارنهن تڪرار جي جرڳي دوران الزام هيٺ آيل ڌر تي 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ 10 هن ورهين جي نينگري کي سڱ چٽي طور ڏيڻ واري فيصلي خلاف نينگري جي امڙ جي فرياد تي جرڳو ڪندڙ ٻارهن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Tul-Bachi-Case-10916

ٺل ويجهو ڪارنهن تڪرار جي جرڳي دوران الزام هيٺ آيل ڌر تي 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ 10 هن ورهين جي نينگري کي سڱ چٽي طور ڏيڻ واري فيصلي خلاف نينگري جي امڙ جي فرياد تي جرڳو ڪندڙ ٻارهن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ نصير سميجو ۾ ڪريم بخش ۽ امان الله پهوڙ ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو اقبال پهوڙ، رحمت الله پهوڙ ۽ ٻين جي سرپينچي ۾ جرڳو ٿيو.

جرڳي دوران  الزام هيٺ آيل امان الله پهوڙ تي 10 لک رپيا ڏنڊ ۽  10 ورهين جي نينگري آسيا پهوڙ  کي سڱ چٽي طور ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

نينگري جي امڙ مومل جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي اقبال پهوڙ، حاجي خان، رحمت الله، ۽ ڪريم بخش پهوڙ، سميت 12 ڄڻن خلاف غير قانوني طور جرڳي ڪرڻ ۽ نينگري سڱ چٽي ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس حفيظ ۽ قربان پهوڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نينگري جي امڙ جو چوڻ آهي ته بااثر ماڻهن جرڳو ڪري زبردستي 10 ورهين جي نياڻي کي  سڱ چٽي طور ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*