پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري دبئي کان لنڊن پهچي ويو

Asif-Ali-Zardari-10916

پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري دبئي کان لنڊن پهچي ويو آهي، جتي پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت  حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ حڪمت علمي جوڙيندي.

پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري دبئي کان لنڊن پهتو، جتي پ پ جو مرڪزي اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن اڳ ئي موجود آهي.

ذريعن موجب پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن  پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زراري سان ملاقات ڪري کيس ملڪ جي سياسي صورتحال  ۽ حڪومت خلاف تحريڪ جي معاملن تي بريفنگ ڏيندو.

ذريعن موجب پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اعتزاز احسن ۽ ٻين اڳواڻن سان پاناما ليڪس، وزيراعظم خلاف ريفرنسز ۽ حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ مشورا ڪندو.

آصف علي زرداري حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ اڳواڻن سان مشورا ڪري حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*