لاڙڪاڻي ويجهو گهاڙ واهه مان ناري جو لاش هٿ اچڻ بعد سلميٰ خاصخيلي طور سڃاڻپ ڪئي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته ناري دماغ جي بيماري ۾ مبتلا هئي

Larkana-Larki-Death-10916

لاڙڪاڻي ويجهو گهاڙ واهه مان ناري جو لاش هٿ اچڻ بعد سلميٰ خاصخيلي طور سڃاڻپ ڪئي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته ناري دماغ جي بيماري ۾ مبتلا هئي، غربت سبب پريشاني کانپوءِ هن واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي.

ڳوٺ کيڏڪر ويجهو گهاڙ واهه مان نوجوان ناري جولاش هٿ ڪيو ويو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪرڻ بعد سلميٰ خاصخيلي طور سڃاڻپ  ڪئي وئي.

ناري جي ڀاءُ پنهل خاصخيلي جو چوڻ آهي ته سلميٰ دماغي مرض ۾ مبتلا هئي، جيڪا بهتر نموني علاج نه ٿيڻ ڪري ڪجهه وقت کان  تمام گهڻو پريشان هئي.

هن وڌيڪ چيو ته هو غربت سبب جو ناري جو مڪمل علاج نه ڪرائي سگهيا هئا، جنهن ڪري سلميٰ تمام گهڻي تڪليف کي منهن ڏئي رهي هئي.

هن چيو ته ناري سلميٰ  بيماري واري پريشاني سبب صبح جو فجر جي نماز پڙهي گهران نڪتي هئي ۽ گهاڙ ۾ واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*