ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ پوليس ڪارروائي ڪري بندش پيل تنظيم جي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي

Gulshan-Police-10916

ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ پوليس ڪارروائي ڪري بندش پيل تنظيم جي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ بندش پيل تنظيمن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ ملوث آهن.

پوليس موجب گلشن اقبال واري علائقي ۾ ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن ۾ انور عرف موٽا، مستولين شاهه ۽ عبدالله شامل آهن، جن وٽان 3 ڪلاشنڪوف، گوليون ۽ ٻيا هٿ هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب، گرفتار ڪيل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن، ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ جهادي تنظيمن لاءِ فنڊ گڏ ڪندا هئا، کين وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*