ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ رواني بحال رکڻ لاءِ نئون پلان تيار ڪندي 132 ٽريفڪ اهلڪار کي مقرر ڪري ڇڏيو

Karachi-Shara-e-Faisal-10916

ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ رواني بحال رکڻ لاءِ نئون پلان تيار ڪندي 132 ٽريفڪ اهلڪار کي مقرر ڪري ڇڏيو، اهلڪارن کي لفٽر ۽ گاڏيون به فراهم ڪيون ويون آهن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته اهلڪار گاڏين جي رانگ ڊرائيونگ کي روڪيندا.

شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ نئون پلان جوڙي ورتو آهي، جنهن تحت شاهراهه تي 132 ٽريفڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

شاهراهه فيصل تي ڊيوٽي ڏيندڙ ٽريفڪ اهلڪارن جا بيجز ۽ ٽوپيون به تبديل آهن، کين لفٽر، موٽر سائيڪل ۽ گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته شاهراهه فيصل تي گاڏين جي رواني کي جاري رکڻ لاءِ اهڙو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن سان رانگ سائيڊ ڊرائيونگ روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*