عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهرالقادري پي ٽي آءِ جي رائيونڊ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي

tahir-qadri

عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهرالقادري پي ٽي آءِ جي رائيونڊ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوامي تحرڪ جا ڪارڪن ڪنهن به اڳواڻ جي گهر جو   گهيراءُ نه ڪندا.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهرالقادري وڌيڪ چيو ته ڪنهن جي به گهر جو گهيراءُ ڪرڻ شريف ڀائرن جي روايت آهي.

هن چيو ته ڪير  بدترين دشمن ڇو نه هجي پر سندس گهر جو گهيراءُ نه ڪيو ويندو ۽ احتجاج جمهوري حدن اندر رهي ڪيو ويندو.

طاهرالقادري جو چوڻ هو ته رائيونڊ مارچ ۾ بدامني جو خدشو هو، ان ڪري شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*