پاڪستان جي باني قائد اعظم محمدعلي جناح جي اڄ 68 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد مزار قائد تي حاضري ڀري آهي

quaid azam

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمدعلي جناح جي اڄ 68 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد مزار قائد تي حاضري ڀري آهي.

سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪابينا سميت قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي پهتو، جتي هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي  فاتح پڙهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي بانين کي ياد رکڻ اسان جو فرض آهي.

هن چيو ته قاعد اعظم جي قول ڪم ڪم ۽ صرف ڪم  تي عمل ڪندي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش هوندي ته هر ماڻهو کي روزگار جي سهولت هجي ۽ گهر ٻار تعليم حاصل ڪري سگهي.

ان موقعي تي گورنر عشرت العباد قائد اعظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قائد اعظم پرامن جدوجهد ذريعي پاڪستان حاصل ڪيو.

قوم جي باني قائد اعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876 تي ڪراچي جي وزير مينشن ۾ محمد علي جناح اک کولي، هن ابتدائي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام ۾ حاصل ڪئي، مئٽرڪ جو امتحان ممبئي ۾ ڏنو ۽ ان بعد لنڊن يونيورسٽي مان 1895 ۾ قانوندان جو اعزاز حاصل ڪيو.

قائد اعظم محمد جناح  1896 ۾ سياست ۾ حصو ورتو، ان بعد مسلسل سياسي سفر جاري رکيو ۽ 14 آگسٽ 1947 تي مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ آزادي ڏياري.

پاڪستان کي آزادي ڏيارڻ بعد قائد اعظم جي طبعيت خراب رهڻ لڳي ۽ هو بيمارين سان وڙهندي وڙهندي 11سيپٽمبر 1948 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*