پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ واري علائقي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به ڪومبنگ آپريشن جاري آهي

balochistan operatin

پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ واري علائقي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، سڪيورٽي فورسز مختلف علائقن  مان شڪ جي بنياد تي 6 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي.

سڪيورٽي فورسز پاران ڪومبنگ آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا سرچ ڪيا پيا وڃن، ان دوران 53 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته مخلتف علائقن کي ڪڙو چاڙهيو  ويو آهي.

بلوچستان ۽ پنجاب جي بارڊر واري علائقي گياندري ۾ ڪالهه  سيڪيورٽي فورسز جي ڪومبنگ آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 8 ٿي ويو ۽ هڪ اهلڪار به شهيد ٿي ويو هو،

آءِ ايس پي آر تصديق ڪئي ته گياندري ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي.

ڪومبنگ آپريشن دوران ڪيترائي دهشتگرد گرفتار ڪري انهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*