ڪوئٽا ۾ ڪانگو وائرس جي شڪ ۾ وڌيڪ هڪ مريض کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد اسپتال ۾ داخل مريضن جو انگ وڌي 104 ٿي ويوآهي

quetta congo

ڪوئٽا ۾ ڪانگو وائرس  جي شڪ ۾ وڌيڪ هڪ مريض کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد اسپتال ۾ داخل مريضن جو انگ وڌي 104 ٿي ويوآهي.

ڪوئٽا جي رئيساڻي روڊ جي رهواسي کي تيز بخار واري حالت ۾ فاطما جناح سول اسپتال پهچايو ويو آهي، جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي.

اسپتال جي آئسو ليشن وارڊ جي انچارج عباس نوتڪاڻي اسپتال داخل مريض کي ڪانگو وائرس هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ڪوئٽا اسپتال ۾ داخل مريضن جو انگ 104 ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ سال ڪانگو وائرس سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 10 ٿي ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*