مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

dadu ppp muzahiro

مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

دادو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن صدام حسين، بشير احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف  ڳڙهي خيري ۾  پ پ شهيد ڀٽو پاران نديم قريشي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهروڪيو.

ٺل ۾ ڪارڪنن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو،  جنهن کانپوءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*