اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته کلون گڏ نه ڪرڻ وارو ايم ڪيو ايم جو فيصلو ذاتي آهي، سنڌ سرڪار کي ڪوبه اعتراض ناهي

khi pp press confn

اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته کلون گڏ نه ڪرڻ وارو ايم ڪيو ايم جو فيصلو ذاتي آهي، سنڌ سرڪار کي ڪوبه اعتراض ناهي، ايپڪس ڪميٽي واضح ڪيو هو ته کلن بابت آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائڻي پوندي.

ڪراچي ۾ پ پ ميڊيا سيل تي نثار کهڙَي ۽ نفيسيه شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولابخش چانڊئَي چيو ته ڪراچي ۾ کلون نه گڏ ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو ذاتي فيصلو آهي، انهيءَ تي سنڌ سرڪار کي ڪوبه اعتراض نه آهي.

مولابخش چانڊئَي چيو ته ايپڪس ڪميٽيءَ واضح ڪيو هو ته کَلن بابت آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائي ويندي ته پئسو ڪهڙِي مد ۾ خرچ ڪيو ويو.

هن چيو ته پي ايس 127 تي ڪابه ڌانڌلي نه ٿي آهي، وقت جي تبديلي کي ڌانڌلي چوڻ درست نه آهي، جڏهن ته مرتضيٰ بلوچ مٿان ٻٽِي شهريت وارو الزام به عدالت ۾ واضح ٿي ويندو.

ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙَي چيو ته پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي تمام جلد مڪمل ٿي ويندي، جنهن بعد رپورٽ بلاول ڀٽو زرداري حوالي ڪئي ويندي.

نثار کهڙَي چيو ته صوبي جي 32 ضلعن ۾ سڀني ورڪرز سان ملاقاتون ڪيون ۽ اعتراض ٻڌا، ڪٿي به سندن سامهون يا بعد ۾ جهيڙو نه ٿيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*