سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

EID-UL-AZHA-13916

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، جنهن بعد لکين مسلمان سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني ڪري رهيا آهن.

ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جا اجمتاع ٿيا،جنهن دوران سڪيورٽيءَ جا انتظام سخت ڪيا ويا.

ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، جنهن ۾ ننڍن توڙي وڏن شرڪت ڪئي، عيد نماز دوران عيد گاهن ۽ مسجدن سميت اڪثر هنڌن تي سڪيورٽيءَ جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا.

وزيراعظم نواز شريف پٽ حسن نواز ۽ ڀائٽي حمزه شهباز سان گڏ جاتي امراءَ ۾ عيد نماز ادا ڪئي، صدر ممنون حسين سعودي عرب، وقتي صدر رضا رباني ڪراچي، آصف زرداري لنڊن ۽ بلاول ڀٽو زرداري نئين ديري ۾ عيد نماز ادا ڪئي.

حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري پير ڳوٺ، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان لاهور ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه نئين ديري ۾ عيد نماز ادا پڙهي……

عيد جي نماز بعد سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته، مال جي قرباني بعد انهن جانورن جي اوجهرين ۽ آنڊن کي کڻڻ لاءِ صفائي جي خصوصي مهم به جاري آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*