پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزيرن سان گڏ نئين ديري ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري

Bilawal-Eid-13916

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزيرن سان گڏ نئين ديري ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري.

بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير نثار کهڙو، امتياز شيخ ۽ ٻين نئين ديري ۾ عيد نماز ادا ڪئي، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.

بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽کين ثواب پهچائڻ لاءِ خاص دعائون به گهريون ويون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نئين ديري آمد سبب سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا هئا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*