آرمي چيف جنرل راحيل شريف باجوڙ ايجنسي ۾ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ عيد ملهائي

Raheel-Sharif-Eid-13916

آرمي چيف جنرل راحيل شريف باجوڙ ايجنسي ۾ پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ عيد ملهائي، جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ سمورا آپريشن جاري رکيا ويندا.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف باجوڙ ايجنسي پهچي دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن سان گڏ عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي ۽ قبائلي اڳواڻن سان وقت گذاريو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، جنرل راحيل شريف پاڪ-افغان باڊر وٽ سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي جنرل راحيل شريف چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن منطقي انجام تائين پهچندا، امن جي دشمنن کي شڪست نصيب ٿيندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*