سانگهڙ ڀرسان ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Saghar-Accident-13916

سانگهڙ ڀرسان ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سيوهڻ ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب ميهڙ واسي پيءُ ۽ سندس ٽن پٽن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سانگهڙ شهر ۾عيد نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ اباڻي ڳوٺ موٽندڙ ڳوٺاڻن جي ٽرڪ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڄڻو علي گل بروهي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب، زخمين مان ڇهن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڊاڪٽرز پاران سندن حياتي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

سيوهڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتاري سبب ميهڙ واسين جي ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سلطان سومرو، سندس 3 پٽ علي رضا، زين، شهباز ۽ ڊرائيور نذير احمد زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو ويو آهي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*