ڪوئيٽا ۾ پوليس موبائل ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موجب بم روڊ جي ڪناري نصب ڪيو ويو

Quetta-Road-Blast-13916

ڪوئيٽا ۾ پوليس موبائل ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موجب بم روڊ جي ڪناري نصب ڪيو ويو، پوليس وين جي گذرڻ وقت ريموٽ ڪنٽرول ذريعي  ڌماڪو ڪيو ويو.

شهر جي سرياب روڊ تي پوليس موبائيل ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويا ۽ 5 اهلڪارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڏني، جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال ۽ بي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

آءِ جي ايف سي ميجر جنرل شيرافگن ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ کيس واقعي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ڌماڪي بعد ذميوارن جي گرفتاري لاءِ شهر جي مختلف علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته بم روڊ ڪناري نصب ڪيو ويو، جتان پوليس موبائيل گذرڻ لڳي ته ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*