خانپور واقعي خلاف شيعا تنظيمن نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو، آءِ جي سنڌ پاران اڄوڪي واقعي ۽ شڪارپور سانحي جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن اماڻڻ توڙي آپريشن ڪرڻ وارين خاطرين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

Khanpur-protest-13916

خانپور واقعي خلاف شيعا تنظيمن نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو، آءِ جي سنڌ پاران اڄوڪي واقعي ۽ شڪارپور سانحي جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن اماڻڻ توڙي آپريشن ڪرڻ وارين خاطرين بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

خانپور جي امام بارگاهه تي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ بعد واقعي خلاف شيعا علماءَ ڪائونسل ۽ ٻين شيعا تنظيمن طرفان علامه مقصود احمد ڊومڪي، علامه عبدالمجيد دشتي، محمد شاهه قاظمي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

بس اسٽاپ وٽ ڪنڌڪوٽ شڪارپور انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي دوران ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ڊي سي شڪارپور سڪندر خشڪ مظاهرين سان ڳالهين لاءِ ڌرڻي واري هنڌ پهتو ته مظاهرين ساڻس ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪندي کيس واپس موٽائي ڇڏيو.

بعد ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين خاطري ڪرائي ته اڄوڪي واقعي ۽ شڪارپور سانحي جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا ويندا.

آءِ جي سنڌ شيعا تنظيمن جي اڳواڻن کي اهو به يقين ڏياريو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف آپريشن به ڪيو ويندو.

آءِ جي سنڌ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ شهرين ۽ پوليس اهلڪارن لاءِ 2-2 لک رپين جي انعام، جڏهن ته ٻن زخمي اهلڪارن رفيق ۽ شير محمد لاءِ 2-2 لک، جڏهن ته سخت زخمي نذر محمد ملڪ لاءِ 10 لک رپين جي معاوضي جو اعلان به ڪيو.

آءِ جي سنڌ جي خاطرين ۽ سندس اعلان بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*