ملتان ويجهو عوامي ايڪسپريس جو مال گاڏي سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن

Train-15916

ملتان ويجهو عوامي ايڪسپريس جو مال گاڏي سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ريلوي انتظاميا حادثي جو ذميوار عوام ايڪسپريس ٽرين جي ڊرائيور کي قرار ڏنو آهي.

بڇ اسٽيشن ويجهو پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس سامهون ايندڙ مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ٽرين جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.

حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 50 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع باوجود ريسڪيو ٽيمون ٻن ڪلاڪن کانپوءِ پهتيون، جنهن سبب زخمي تڙپندا رهيا، جنهن کانپوءِ فوج جي دستن پهچي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو.

Train-Awami-Accident-15916

ريلوي انتظاميه موجب عوامي ايڪسپريس ۾ 350 مسافر سوار هئا، رات جي وقت سبب امداد ڪاررواين ۾ ڏکيايون پيش آيون.

ريلوي انتظاميا حادثي جو ذميوار  عوامي ايڪسپريس کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي وزير اعظم نواز شريف زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*