وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو

Nawaz-Sharif-15916

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پاڻي-بجلي سميت پئٽروليم جا وزير ۽ وفاقي سيڪريٽريز به شريڪ ٿيندا.

اجلاس ۾ پاڻي، تيل، هوا  ۽ سج جي روشني مان تيار ٿيندڙ منصوبن  جي رفتار بابت آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته، توانائي جاري منصوبن جي پڄاڻي بابت به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته، وزيراعظم توانائي جي منصوبن جي وقت سِر مڪمل ڪرڻ بابت هدايتون به جاري ڪندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*