پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري لنڊن روانو ٿي ويو

Tahir-Ul-Qadri-15916

پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري لنڊن روانو ٿي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي، انصاف نه مليو ته رائيونڊ وڃڻ وارو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي.

 لاهور ائيرپورٽ تي ميڊيا سان  ڳالهائيندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي واور معاملو انساني حقن واري عالمي ڪميشن ۽ يورپي يونين آڏو اٿاريو ويندو.

هن چيو ته، عرصو گذرڻ باوجود ماڊل ٽائون ۾ گولين جو کاڄ بڻايل پرامن مظاهرين جي وارثن کي انصاف ناهي مليو، جيڪو ظلم آهي.

هن چيو ته تحريڪ قصاص جو ٻيو مرحلو ڪنهن به وقت شروع ٿي سگهي ٿو، جيڪا تحريڪ انصاف ملڻ تائين جاري رهندي.

 رائيونڊ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي بابت سوال جي جواب ۾ طاهر القادري چيو ته هو رائيونڊ کي سياسي سرگرمين جو حصو بڻائڻ نه ٿا چاهين.

هن چيو ته رائيونڊ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت فيصلي جي ذميواري اخلاقي طور هو پاڻ مٿان لڳائي ٿو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*