افغان صدر اشرف غني جي ڀارت ياترا دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ 7 معاهدا طئي ٿي ويا، معاهدن تحت ڀارت افغانستان کي مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالرز جي امداد ڏيندو

Ashraf-Ghani-15916

افغان صدر اشرف غني جي ڀارت ياترا دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ 7 معاهدا طئي ٿي ويا، معاهدن تحت ڀارت افغانستان کي مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالرز جي امداد ڏيندو، جڏهن ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي گهربل دهشتگردن بابت ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪندا.

افغان صدر اشرف غني ڀارت جي دوري تي نئين دهلي ۾ موجود آهي، جتي هُن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران خطي ۾ سياسي مقصدن خاطر دهشتگردي ۽ تشدد جي لاڳيتي استعمال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خودمختيار، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان لاءِ سهڪار جو اشارو ڏنو.

ملاقات دوران ٻنهي سربراهن دهشتگردي سان ويڙهه ۽ سڪيورٽي توڙي دفاعي سهڪار ۾ واڌ تي به اتفاق ڪيو.

ملاقات بعد جاري ڪيل پڌرائي موجب ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ ڪائونسل جو اجلاس به جلد سڏايو ويندو.

اجلاس ۾ چار گڏيل ورڪنگ گروپ جي تجويزن جو جائزو ورتو ويندو، اهو گروپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي حوالي سان ڪم ڪندو.

افغان صدر جي دوري دوران ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ 7 معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون.

معاهدن تحت ڀارت افغانستان کي مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالرز جي امداد ڏيندو.

معاهدي تحت ڀارت ۽ افغانستان هڪ ٻئي کي گهربل دهشتگردن بابت ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪندا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*