پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو، رٿا جي سڪيورٽي لاءِ وفاق سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو,سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-15916

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو، رٿا جي سڪيورٽي لاءِ وفاق سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي جي سڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ راهداري منصوبي جي سڪيورٽي يقنيي بڻائڻ لاءِ وفاق سان هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو آهي.

اجلاس دوران ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته راهداري منصوبو خطي جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو، رٿا کي ناڪام بڻائڻ جي سازش ڪندڙن کي شڪست ڏني ويندي.

هن چيو ته وفاق رهداري منصوبي جي 6 اسپيشل ونگز جوڙي ورتيون آهن، جن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ اهلڪار خدمتون سرانجام ڏيندا.

ٻئي پاسي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس به ڪجهه دير ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ گذريل اجلاس دوران ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*