پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت سياسي مقصدن لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جو ڪو به موقعو ضايع نه ڪندو آهي

 Nafees-Zakriya-30416

  پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت  سياسي مقصدن لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جو ڪو به موقعو ضايع نه ڪندو آهي، افغانستان کي زمين رسد ڏيڻ بابت ڀارت سان ڪو به معاهدو نه ٿيل آهي، ڀارت چاهي ها ته، هو افغانستان کي هوائي يا سامونڊي رستي امداد ڏئي سگهيو پئي، پر هن ائين نه ڪيو.

   پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا،مودي-اشرف غني  بيان جي ردعمل ۾ چيو ته، پاڪستان جو ڀارت سان افغانستان کي زميني رستي رسد پهچائڻ جو ڪو معاهدو نه آهي، ڀارت چاهي ته، هو هوائي ۽ سامونڊي رستي اها امداد پهچائي سگهيو پئي.

هن چيو ته، ڀارت افغانستان کي امداد جي حوالي سان بهانا ڪري رهيو آهي ۽ هو پاڪستان کي سياسي مقصدن لاءِ بدنام ڪرڻ لاءِ ڪو به موقعو ضايع نه ڪندو آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته، ڪشمير وڳوڙن کان اڳ ڀارت ڪڻڪ افغانستان رستي پهچائڻ جي درخواست ڪئي هئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*