ڏهرڪي ڀرسان مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Dharki-Accident-211--16916

دادو ۾ مسافر وين جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ڏهرڪي ڀرسان مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

دادو جي ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان انڊس هاءِ وي تي مسافر وين ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ٽڪر جي نتيجي ۾ قلندر شهباز جي مزار تي حاضري لاءِ  ويندڙ شهدادڪوٽ واسي نوجوان شفيق چنو ٿي فوت ٿي ويو ۽ رفيق مڱريو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڏهرڪي ڀرسان باءِ پاس تي ڪراچي کان علي پور ويندڙ ڪوسٽر تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*