سپريم ڪورٽ ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ شاپنگ سينٽر کي مسمار ڪرڻ واري ڪيس ۾ توهين عدالت جي درخواست تي ميٽرو پوليٽين ڪارپوريشن، آرمي ويفليئر ٽرسٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ، ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ شاپنگ سينٽر کي مسمار ڪرڻ واري ڪيس ۾ توهين عدالت جي درخواست تي ميٽرو پوليٽين ڪارپوريشن، آرمي ويفليئر ٽرسٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس جواد ايس ريمارڪس ڏنا آهن ته جڏهن آرمي چيف ملڪ جو صدر ٿيندو آهي ته زمينون اهڙي طريقي سان ئي ورهايون وينديون آهن.

ڪراچي جي علائقي صدر ۾ مائيڪرو مال شاپنگ سينٽر مسمار ڪرڻ بابت عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي وقتي چيف جسٽس، جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران جسٽس جواد ايس خواجه پڇاڻو ڪيو ته عدالت ڊسمبر 2007 ۾ شاپنگ مال کي مسمار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو.؟

مائيڪرو مال شاپنگ سينٽر جي وڪيل شريف الدين پيرزادي چيو ته شاپنگ مال ان حوالي سان آسٽي آرڊر ورتو آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته عدالت جڏهن مختلف نظرثاني درخواستن تي معاملي کي اڪلائي چڪي آهي، پوءِ اسٽي آرڊر ڪيئن ورتو ويو، هـِي عوامي اثاثا آهن، انهن جي حفاظت ڪئي وڃي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته 10 ڪروڙ رپين جي ايڊوانس تي زمين ڪمپني کي ڏني وئي، جڏهن آرمي چيف ملڪ جو صدر ٿيندو آهي ته زمينون اهڙي ئي طريقي سان ورهايون وينديون آهن.

عدالت، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، آرمي ويلفيئر ٽرسٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*