گڏيل قومن جي امدادي قافلي کي شام ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ سبب امدادي ٽرڪون ترڪي جي سرحد تي بيٺل آهن

UN-urges-Turkey-to-open-border-to-Syrians-2051-16916

گڏيل قومن جي امدادي قافلي کي شام ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ سبب امدادي ٽرڪون ترڪي جي سرحد تي بيٺل آهن، جنهنڪري حلب شهر جي اوڀرندي حصي ۾ گهيري هيٺ آيل شهري جنگبندي جي ٽئين ڏينهن به امدادي سامان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن.

 روس جو چوڻ آهي ته شام جي سرڪاري فوج حلب ڏانهن ويندڙ اهم روڊ کان پوئتي هٽي رهي آهي، پر امريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته کين شامي فوج جي واپسي جي ڪا شاهدي نه ملي آهي.

روس ۽ امريڪا جي سهڪار سان سومر کان شام ۾ جنبگبندي شروع ٿي هئي، جنهن جي اهم شق اها هئي ته گهيري هيٺ آيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچايو ويندو، پر اوڀر حلب ۾ گهيري هيٺ آيل ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ خوراڪ سان ڀريل 2 سئو کان وڌيڪ ٽرڪون اڃا به ترڪي ۽ شام جي سرحد تي بيٺل آهن.

گڏيل قومن جي شام لاءِ خاص نمائندي اسٽيفن ڊي مستورا جو چوڻ هو ته کيس اڃا تائين شامي حڪومت پاران اهي خط نه مليا آهن، جن جي مدد سان امدادي قافلن کي فوجي چوڪين کان گذرڻ جي اجازت ملي سگهي.

روس جي نائب پرڏيهي وزير ميخائل بوگدانوف جو چوڻ آهي ته شامي حڪومت کي ٽرڪن جي ڊرائيورن بابت خدشا آهن، انهن وٽ ڪوبه دستاويز، پاسپورٽ ايتري تائين جو ڊرائيونگ لائسنس به نه آهي جنهن سان اهو واضح نٿو ٿئي ته اهي ڪير آهن پر پوءِ به هو سمجهي ٿو ته اهو مسئلو جلد حل ٿي سگهي ٿو.

جنگبندي واري معاهدي تحت ٻنهي ڌرين کي ڪاستيلو روڊ جي ويجهو هڪ غير فوجي علائقو قائم ڪرڻو آهي، هي روڊ باغين جي قبضي هيٺ حلب تائين ويندڙ اڪيلو رستو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*