جيڪب آباد ۾ ڪارنهن تڪرار تان هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتولن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

jacabad muder

جيڪب آباد ۾ ڪارنهن تڪرار تان هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتولن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ مجيد جکراڻي ۾ ڪارنهن تڪرار تان 5 ڏينهن اڳ گهر تي حملو ڪري هڪ معصوم ٻارڙي سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته وحشي جوابدارن گهر تي حملو ڪري پيرسن عبدالرشيد، ولي محمد ۽ عنايت الله ۽ 6 ورهين جي سميرا کي گوليون هڻي  قتل ڪيو هو، پر پوليس هڪ به  جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن چيو ته جوابدارن کي بلوچستان جي ڪجهه بااثر ڌرين جي پٺ ڀرائي حاصل آهي، جنهن ڪري پوليس هنن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندڙ وحشي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*