چين ۽ روس جي سامونڊي فوجن گڏيل نيول مشقن دوران مختلف ٻنهي ملڪن جي فوج جنگي مهارت جا مظاهرا پيش ڪيا

China-Joint-Drill-Exercise-2053-16916

چين ۽ روس جي سامونڊي فوجن گڏيل نيول مشقن دوران مختلف ٻنهي ملڪن جي فوج جنگي مهارت جا مظاهرا پيش ڪيا.

چين جي گئانگدونگ ۾ جوائنٽ سي 2016  ۽ آن واٽرز آف سائوٿ چائنا جي سري هيٺ روس ۽ چين جون سامونڊي فوجن جون ٻن ڏينهن واريون مشقون منعقد ڪيون ويون.

CsTW4FuWAAASuY2

مشقن دوران ٻنهي فوجي اهلڪارن تي ٻڌل ٻه ٽيمون جوڙيون ويون هيون، جنهن دوران نيري رنگ جي ٽيم جي ٻيڙي پاران بوٽس ذريعي ڳاڙهي رنگ جي ٽيم جي ڊفينس کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران ڳاڙهي ٽيم حرڪت ۾ اچي وئي.

ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي مشقن جو مقصد جنگي مهارت کي پرکڻ ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ هو، هي مشقون اهڙي وقت ڪيون ويون آهن، جڏهن ڏکڻ چيني سمنڊ واري معاملي تي چين ۽ امريڪا ۾ ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*