بنگلاديش جو آل رائونڊر ڪرڪيٽر شقيب الحسن ۽ سندس زال ريسورٽ پهچائي واپس ويندڙ هيليڪاپٽر ڪريش ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ پائلٽ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

sakib-Ul-hasan02-2054-16916

بنگلاديش جو آل رائونڊر ڪرڪيٽر شقيب الحسن ۽ سندس زال ريسورٽ پهچائي واپس ويندڙ هيليڪاپٽر ڪريش ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ پائلٽ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

شقيب الحسن پنهنجي زال اُمِ احمد شــِيشـِير سان گڏ هڪ اشتهار جي شوٽنگ لاءِ پرائيويٽ هيليڪاپٽر ۾ ڪاڪس بازار شهر کان 27 ڪلوميٽر پري رائل ٽيولپ سي ريسارٽ ويو هو، جتي کين لاهي واپس ورندڙ هيليڪاپٽر ايناني سمنڊ جي ڪناري ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو.

sakib-Ul-hasan-2054-16916

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ پائلٽ ريٽائرڊ ونگ ڪمانڊر شفيق الاسلام سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ميگهنا ايوي ايشن جي عملدار سيف العالم موجب هيليڪاپٽر شقيب ۽ سندس زال کي ريسورٽ پهچائڻ بعد واپس اچي رهيو هو ته حادثي جوشڪار ٿيو، ان وقت هيليڪاپٽر ۾ 4 ڄڻا سوار هئا.

حادثي جي خبر تي ملڻ بعد شقيب الحسن جو چوڻ هو ته هو هيليڪاپٽر حادثي جو ٻڌي صدمي ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*