رحيم يار خان ويجهو تيز رفتاري سبب مسافر بس ڪلٽي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت 37 زخمي ٿي پيا

رحيم يار خان ويجهو هڪ وڌيڪ مسافر بس ڊرائيور جي ڪَنڊي تي سوار سدائين واري تڪڙ ۽ مٿان وري ڪوهيڙي سبب اوندهه ڍڪيل رستن جي ڪري حادثي جو شڪار ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽس موجب لاهور کان صادق آباد ويندڙ مسافر بس آخري اسٽاپ کان ٿورو اول يعني رحيم يار خان ۾ ڊرائيور جي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، بس ۾ سوار زخمين جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سبب ديد ئي نه پَئي پوي پر تنهن هوندي به ڊرائيور جي رفتار عام حالتن واري رفتار جيتري هئي، جنهن ڪري گاڏي سندس ڪنٽرول مان نڪري وئي.

بس جي ڪلٽي ٿيڻ سبب بس ۾ سوار مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ۽ هڪٻئي مٿان توڙي گاڏيءَ جي شيشن، سيٽن ۽ درين سان ٽڪرائجندا رهيا.

خوفناڪ حادثي ۾ 3 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، 37 مسافر زخمي آهن، جن مان اڪثريت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائيون عمل ۾ آڻي زخمين کي علاج ۽ فوتين کي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪرڻ لاءِ تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال لياقت پور آندو ويو.

حادثي کانپوءِ بس جو ڊرائيور ۽ عملو فرار ٿي ويو آهي، پوليس بس کي ڪاهي ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو.

عام طور تي اهڙن حادثن جي صورت ۾ پوليس انهن کي موسم جي خرابي، ڊرائيور جي غلطي يا وري اهڙو ئي ڪو معمول قلم لڳائي اتفاقي قرار ڏيندي آهي، جنهن کانپوءِ ٽرانسپورٽ مافيا پاڻي وانگي پئسو وهائي پنهنجي گاڏين کي ڇڏائي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ ٿوري ٿَڪي مرمت بعد ساڳيون گاڏيون وري روڊن تي رينگنديون آهن ۽ اهو قصو سدائين کان ايئن ئي هلندو پيو اچي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*