نيو ڪراچي ۽ گوليمار ۾ رينجرز ڪارروايون ڪري هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو

Rangers-Karachi-2171-17916

نيو ڪراچي ۽ گوليمار ۾ رينجرز ڪارروايون ڪري هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو ايم ڪيو ايم جي يونٽ 167 جي لان ۽ سيڪٽر آفيس نيو ڪراچي ڀرسان زمين اندر پوريو ويو هو، هٿيار شهر اندر بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ استعمال ٿيڻا هئا.

رينجرز ترجمان موجب اطلاع تي گوليمار ۽ نيو ڪراچي وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪري هٿيار۽ ڌماڪيدار مادَي جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو ويو.

ترجمان موجب ايم ڪيو ايم جي يونٽ 167 جَي لان ۽ نيو ڪراچي ۾ سيڪٽر آفيس جي ڀرسان زمين اندر هٿيار لڪايا ويا هئا.

رينجرز ترجمان موجب هٿ ڪيل هٿيارن ۽ ڌماڪيدار مادَي ۾ هڪ ايل ايم جي، 12 سَيوَن ايم ايم رائفل، 2 ايس ايم جي، 4 ميگزين ايس ايم جي، 25 سئو رائونڊ ايس ايم جي، ڏيڍ سئو رائونڊ 7 ايم ايم رائفل شامل آهن.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿيار شهر ۾ بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ استعمال ٿيڻا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*