قوم جي مستقبل سان کيڏيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو، ميٽرو ۽ اورنج بس منصوبي جي ڪميشن جو پئسو ڪرپشن ۾ استعمال ٿيو, تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان

Imran-Khan-Tweet-2180-17916

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته   قوم جي مستقبل سان کيڏيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو، ميٽرو ۽ اورنج بس  منصوبي جي ڪميشن جو پئسو ڪرپشن ۾ استعمال ٿيو آهي.

عمران خان  پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته حڪمرانن ڪميشن ذريعي پرڏيهه ۾ ملڪيت ٺاهي آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ 40 سيڪڙو عوام مشڪلات ۾ آهي،   پاڪستاني عوام کاڌ خوراڪ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ٻئي طرف  حڪمران ميٽرو ۽ اورنج بسن جي ڪميشن حاصل ڪري پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*