ڪراچي جي عدالت حليمان قتل ڪيس ۾ جوابدار رضوان ۽ سندس گهرواري سونيا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

Rizwan-Haleema-Case-2171-17916

ڪراچي جي عدالت حليمان قتل ڪيس ۾ جوابدار رضوان ۽ سندس گهرواري سونيا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پاران ڏوهه باسڻ کان انڪار تي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، 25 مئي 2016ع تي حليمان جو دهلي ڪالونيءَ جي هڪ فليٽ مان لاش هٿ آيو هو.

حليمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران جوابدار رضوان ۽ سندس گهرواري سونيا کي پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدار رضوان ۽ سندس زال مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جن ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪيو ته عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

25 مئي 2016ع تي دهلي ڪالونيءَ جي هڪ فليٽ مان حليمان جو لاش هٿ آيو هو ۽ 29 مئي تي سندس پٽ عبدالله کي جوابدار رضوان ايڌي سينٽر ڇڏي ويو هو.

عدالت ڪجهه مهينا اڳ عبدالله کي کي سندس نانيءَ حوالي ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*